خالد ميموريل بوائز اسڪول حيدرآباد

خالد ميموريل بوائز اسڪول، حيدرآباد: حيدرآباد جي مشهور هوميو ڊاڪٽر نامي پنهنجي مرحوم پٽ خالد نامي جي ياد ۾ هي اسڪول کوليو هو. خالد پنهنجي عيسائي دوست کي بچائيندي ڦليلي واهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو هو. هي اسڪول شروع ۾ سري گهاٽ تلڪ چاڙهي تي قائم هو. پر پوءِ اتان کان منتقل ڪري ڪيفي جارج جي ڀرسان رسالا روڊ تي قائم ڪيو ويو. هاڻي اهو حيدرآباد جي مشهور اسڪولن مان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو